هاءِ ڪورٽ جو خان جي چيڪ اپ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم

هاءِ ڪورٽ جو خان جي چيڪ اپ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي چيڪ اپ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عمران خان جي ميديڪل چيڪ اپ بابت درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪئي. عدالت عمران خان جي درخواست هدايتن سان گڏ اڪلائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي عمر 72 سال ۽ انڊر ٽرائل قيدي آهي، اڊيالا جيل ۾ سيڪيورٽي قدم بي ڪلاس قيدي جي چيڪ اپ ۾ رنڊڪ نٿا ٿي سگهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني لاءِ بورڊ جوڙي، بورڊ ۾ پي ٽي آءِ باني جي ذاتي ڊاڪٽر فيصل کي به شامل ڪيو وڃي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز ميڊيڪل بورڊ جوڙي رپورٽ رجسٽرار آفيس ۾ جمع ڪرائي. عدالت چيو ته آرڊر جي ڪاپي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي به عملدرآمد لاءِ موڪلي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو