نوشهروفيروز (ن س)ھاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لا۽ ڊپٽي ڪمشر نوشھروفيروزشاھزيب شيخ پي ڊي ايم اي جي سيڪريٽري ۽ ٻين بسما فلور مل ۾ ڪيل کليل ڪچھري کان پو۽ يوسي چاھين جي معزز شخصيت ۽ ڊسٽرڪٽ ڪاؤنسل جي چونڊيل ميمبر ظفر علي راڄپر جي درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر پي ڊي ايم اي سيڪريٽري توڙي اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا پاران ڳوٺ چاھين سليمان جو دورو ڪيو ۽ چاھين سليمان جي آسپاس بيٺل برساتي پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو جتي ظفر علي راڄپر ۽ ڳوٺاڻن پاران کيس برساتي پاڻي جي تباھ ڪارين سميت گورنمنٽ پرائمري توڙي مڊل اسڪول مان بيٺل پاڻي جو دورو ڪرايو ڊپٽي ڪمشنر ۽ پي ڊي ايم اي سيڪريٽري فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائن جو حڪم ڏنو ڊپٽي ڪمشنر ظفر علي راڄپر کي يقين ڏياريو ته ھنگامي بنيادن تي يوسي چاھين سليمان ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرايو ويندو










