هاءِ ڪورٽ جج جي پروٽوڪول واري موبائل ڪلٽي 5 زخمي

دادو (ادل مهيسر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سان پروٽوڪول واري پوليس موبائل سان تيز رفتاري سبب انڊس هاءِ وي پيچوها وٽ حادثو پيش، موبائل ڪلٽي ٿي پئي، 5 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. زخمي اهلڪارن ۾ محمد صالح عالماڻي،صدام حسين،شاهد چانڊيو،امداد ٻٻر،رحمت الله جمالي سميت 5 پوليس اهلڪار شديد زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاء سول اسپتال دادو آندو ويو.

جن ۾ هڪ پوليس اهلڪار جي حالت تشويشناڪ ٻڌائي پئي وڃي ،حادثي ۾ پوليس گاڏي مڪمل طور تباه ٿي وئي آهي. گاڏي ۾ پوليس موجب جسٽس محمد سليم جيسر سوار هو. پوليس موبائل سان حادثي بعد جج واري گاڏي بيٺي ئي نه پوليس وارن کي تڙپندو ڇڏي رواني ٿي وئي. پوليس اهلڪارن جج جي غير انساني رويي تي افسوس ظاهر ڪيو ۽ نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو ته اسين به ته انسان آهيون پوليس وارا ٿياسين ته ڇا ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو