اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ وڏو بينچ قائم ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 4 رڪني وڏو بينچ قائم ڪيو آهي.جسٽس ارباب محمد طاهر جي سربراهي ۾ 4 رڪني وڏو بينچ 10 سيپٽمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. جسٽس خادم سومرو، جسٽس اعظم خان ۽ جسٽس انعام امين منهاس وڏي بينچ ۾ شامل ٿيندا.ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس جسٽس سردار اعجاز اسحاق جي عدالت مان منتقل ڪيو ويو. جسٽس سردار اعجاز وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا هئا.جسٽس سردار اعجاز اسحاق ٽيڪس ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ اسپيشل ڊويزن بينچ جو حصو آهن. سنگل بينچ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس جسٽس سردار اعجاز اسحاق کان واپس ورتا ويا.ڊاڪٽر عافيه صديقي جو ڪيس جسٽس سردار اعجاز اسحاق کان جسٽس انعام امين منهاس جي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته، جسٽس انعام گذريل ٻڌڻي تي وڏي بينچ جي جوڙجڪ لاءِ فائل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن موڪلي هئي.










