اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي وفاقي حڪومت ’لگزري گاڏين‘ ۾ استعمال ٿيندڙ هاءِ آڪٽين فيول تي پيٽروليم ليوي 100 رپين مان وڌائي 300 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ پهريون ڀيرو ان جي قيمت 500 رپيا في ليٽر کان وڌي وئي آهي۔
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ هاءِ آڪٽين فيول تي پيٽروليم ليوي 200 رپيا في ليٽر وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ليوي 305 رپيا 37 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي، جيڪا اڳ ۾ 105 رپيا 37 پئسا في ليٽر هئي۔
هاءِ آڪٽين تي پيٽروليم ليوي ۾ واڌ کان پوءِ ملڪ ۾ ان جي نئين قيمت 535 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي۔
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هيٺين ۽ وچولي طبقي جي استعمال ۾ ايندڙ عام گاڏين لاءِ استعمال ٿيندڙ ايندھن جي قيمتن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو آهي، ۽ صرف لگزري گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ هاءِ آڪٽين فيول جي قيمت وڌائي وئي آهي۔
بيان موجب، عام پيٽرول اڳوڻي قيمت تي ئي دستياب رهندو ۽ هن فيصلي سان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ هوائي جهازن جي ڀاڙن ۾ ڪو به اضافو نه ٿيندو۔
حڪومت جي ان فيصلي تي سوشل ميڊيا تي بحث هلي پيو، ڪي ان جي تعريف ٿا ڪن ته ڪي سوال پيا اٿارين ته وڏي مهانگائي بعد هاءِ آڪٽين جي کپت گهٽبي ۽ عام پيٽرول جي کپت وڌندي جنهن سان کوٽ به پيدا ٿي سگهي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ روزانو عام پيٽرول جي کپت 20 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ هاءِ آڪٽين جي هڪ هزار ٽن آهي. سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت ان سان 9 ارب روپيا حاصل ڪري سگهندي؟










