ن ليگ کان عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ ترجيحي لسٽ طلب

ن ليگ کان عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ ترجيحي لسٽ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي لاءِ پنجاب مان عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ مسلم ليگ ن کان ترجيحي لسٽ طلب ڪئي وئي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پنجاب مان مسلم ليگ ن جي ترجيحي لسٽ مڪمل ٿي وئي آهي، مسلم ليگ ن عورتن جي 9 خالي سيٽن تي ترجيحي لسٽ ڏئي.اليڪشن ڪميشن پنجاب مان قومي اسيمبلي جي عورتن جي سيٽن جو شيڊول جاري ڪندي چيو آهي ته مسلم ليگ ن جا اميدوار اڄ کان 9 مارچ تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائين.مسلم ليگ ن جي عورت اميدوارن جي ڇنڊڇاڻ 12 مارچ تي ٿيندي، نامزدگي ڪاغذن خلاف اپيلون 14 مارچ تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون، ٽربيونل 16 مارچ تائين اپيلن جي ٻڌڻي ڪندا، نامزدگي ڪاغذ 19 مارچ تائين واپس وٺي سگهجن ٿا.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي حتمي لسٽ 20 مارچ تي پڌري ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو