لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي پنجاب ۾ انتقامي ڪيسن ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي آهي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي.پرويز الاهي پنجاب ۾ انتقامي ڪيسن ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو ته نگران حڪومت چونڊون ٿيڻ کانپوءِ غير آئيني ۽ غير قانوني ڪمن کان پاسو ڪري.هن چيو ته نواز شريف جو مقصد مخالفن خلاف بغاوت ۽ دهشتگردي جا ڪيس ٺاهڻ رهيو آهي، پنجاب حڪومت شفاف چونڊن لاءِ آئيني ڪردار تائين پاڻ کي محدود ڪري.پرويز الاهي چيو ته نگران حڪومت 22 مهينن ۾ سٺو نالو ڪمايو، نگران حڪومت جي ڪرتوتن مان عوام خوش ناهي، کين شرمندگيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو، ماڻهن کي هراسان ڪرڻ يا ڪيس ٺاهڻ جهڙا عمل آهن. جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي چونڊيل حڪومت آئي ته کين ڀڄڻ جو موقعو نه ملندو.










