لاهور (ويب ڊيسڪ)سينيٽر انوار الحق جي نگران وزيراعظم جي مقرري تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر چيو آهي ته نگران وزيراعظم تي پي ٽي آءِ سان مشاورت نه ڪئي وئي، پي ٽي آءِ پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سڀ کان وڏي پارٽي آهي. حماد اظهر چيو ته اميد آهي ته انوار الحق آئين موجب ٽن مهينن ۾ چونڊن کي يقيني بڻائيندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته نگران وزيراعظم کي هزارين سياسي قيدين جي معاملي جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي.حماد اظهر وڌيڪ چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم لاءِ منصفانه ماحول ڏيڻ ضروري آهي.










