نيو ڪراچي ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

نيو ڪراچي ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سيڪٽر ايڪس آءِ جي ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته نيو ڪراچي سيڪٽر 11 جي ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي تشدد ۽ فائرنگ ڪئي.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ هڪ ڇوڪرو مارجي ويو.واقعي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو.

پهنجو تبصرو موڪليو