نيو يارڪ ۾ فائرنگ، جوابدار جي گرفتاري ۾ مدد لاءِ انعام جو اعلان

نيو يارڪ ۾ فائرنگ، جوابدار جي گرفتاري ۾ مدد لاءِ انعام جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پوليس نيويارڪ سٽي انڊر گرائونڊ ٽرين اسٽيشن تي فائرنگ ۾ ملوث جوابدار جي تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ گرفتاري ۾ مدد ڪندڙ شخص لاءِ انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن نيويارڪ جي سب وي اسٽيشن تي ڀاڄ جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.نيويارڪ پوليس موجب حملي آور ٽرين تي اسموڪ گرنيڊ اڇلائڻ بعد فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ڀاڄ پئجي وئي. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر پوليس هاڻي جوابدار جي تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شڪي، فرينڪ جيمس، 62 آهي، جيڪو بي گهر هجڻ ۽ ميئر بابت سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪيو. پوليس فرينڪ جيمس جي گرفتاري لاءِ معلومات ڏيڻ لاءِ 50,000 ڊالر انعام جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو