راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) تربت ۾ نيوي جي بيس تي دهشتگردن جي حملي ۾ بلوچستان فرنٽيئر ڪور جو هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو. جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. گذريل رات پيش آيل هن واقعي بابت آءِ ايس پي آر اڱاري تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن گذريل رات تربت ۾ پي اين ايس صديقي تي حملي جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام بڻائي وئي. “سڪيورٽي فورسز کي فوري طور تي بحري فوج جي مدد لاء متحرڪ ڪيو ويو. هٿياربند فوجن جي گڏيل ۽ موثر جوابي گڏيل ڪليئرنس آپريشن جي نتيجي ۾ چئن دهشتگردن کي مارڻ ۾ مدد ڪئي،“. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران بلوچستان فرنٽيئر ڪور جو 24 ورهين جو سپاهي نعمان فريد شهيد ٿي ويو. ڪمشنر مڪران سعيد احمد عمراڻي جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ جي بائونڊري واري پاسي کان ٽن طرفن کان حملو ڪيو ويو پر سيڪورٽي فورسز جي فوري ڪاروائي ۾ حملو ناڪام ٿي ويو ۽ سڀ دهشتگرد مارجي ويا. ياد رهي ته پي اين ايس صديقي نيوي جي وڏي ۾ وڏي ايئر اسٽيشن آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هڪ درجن کان وڌيڪ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا ۽ رات 10 وڳي شروع ٿيل فائرنگ اڌر رات کان به دير تائين جاري هئي. ڪالعدم بي ايل اي جي مجيد برگيڊ حملي ۾ ملوث ٻڌائي وڃي ٿي. ياد رهي ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن جي ڪارواين م اصافي ٿي رهيو آهي.
انسٽاگرام ۾ واٽس ايپ جي ويو ونس جهڙو فيچر متعارف
ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، ڳولا جاري
لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو
ٻٽي شهريت رکندڙ نگران وزيرن ۽ صلاحڪارن جا نالا پڌرا ڪرڻ جو حڪم
نثار کهڙو بپلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي سنڌ جو چيئرمين،منظوري
جون 2025ع تائين روپيو پنهنجو ملهه 18 سيڪڙو وڃائي ويهندو: آئي ايف ايف
يوسف رضا گيلاني جي موبائل فون تي ڌمڪي وارو پيغام وصول
نائب وزيراعظم ڊار ۽ امير مقام جو ڪرغزستان جو دورو اوچتو ملتوي
سنڌ دشمن منصوبن خلاف لڳل بک هڙتال پڄاڻي تي پهتي
هيٽ ويوو سبب ميٽرڪ جا امتحان ملتوي
ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا معطل
افغانستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 70 ڄڻا فوت، ڪيترائي لاپتا
ڪي پي ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو
اين اي 148 ملتان ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ عمل ختم،ڳڻپ جاري
بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان
عشرت العباد جو هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو
گرمي جي شدت ۾ واڌ، گيسٽرو ۽ معدي جي بيمارين ۾ واڌ
ڪوهلي پي ايس ايل ۾ اچي يا ٽيم ۾ سان گڏ ڀليڪار ڪندس: آفريدي
اسٽار ڪڊ جي ڪري هڪ فلم تان هٿ کنيو، راجڪمار رائو
سنڌ يار سکر 19 مئي 2024