راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان ميچ کٽڻ لاءِ مهمان ٽيم کي 194 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. مهمان ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان 20 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنز ٺاهيون. نيوزيلينڊ جي بليئر ٽڪنر ابتدائي 3 وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ وڪيٽ سوڍي ورتي، جڏهن ته عماد وسيم هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 31 رنز ٺاهيون تنهن آخري اوور ۾ رضوان جيڪو 98 رنز تي ناٽ آئوٽ هو، تنهن کي سينچري ڪرائڻ جي چڪر ۾ پاڻ کي رن آئوٽ ڪرايو پر رضوان سينچري نه ڪري سگهيو. آخري بال تي هن پاڪستان لاءِ باءِ جي رن ته ٺاهي پر پاڻ 98 تي ناٽ آئوٽ رهيو. بابر اعظم 19، حارث ۽ سائم ايوب ٻئي زيرو تي آئوٽ ٿي ويا هئا. افتخار 36 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلنڊ جي شروعات ڀلي نه ٿي پهرين بال تي شاهين ڪپتان ٽوم ليٿم کي زيرو تي شاداب خان هٿان ڪيچ ڪرايو، ساڳئي اوور ۾ ول ينگ کي 4 رنز تي رضوان هٿان ڪيچ ڪرائي پهرين اوور ۾ 2 وڪيٽون وٺي نيوزيلينڊ لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي. ٻيو اوور عماد ڪرايو جنهن رنز تي ڪنٽرول ڪيو پر وڪيٽ هنکي چوٿين اوور ۾ ملي ۽ هن چار چوڪا هڻي 13 بالن تي 19 رنز ٺاهيندڙ چيڊ بوز کي بولڊ ڪيو. پاور پلي ۾ 6 اوورز ۾ 33 تي 3 آئوٽ هئا. ان بعد نيوزيلينڊ اسڪور اڳتي وڌايو، ڏهين اوور ۾ مچلز آئوٽ ٿيو ته بظاهر ڪيوي ڪمزور لڳا پر هنن همت نه هاري، فهيم اشرف کي هڪ اوور ۾ 14 رنز پيا، شاداب کي 2 اوورز ۾ 29، احسان الله ۽ حارث رئوف چار چار اوورز ۾ 39، 39 رنز ڏنا. ،عماد 4 اوورز ۾ 21 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ۽ شاهين آفريد 4 اوورز ۾48 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. مارڪ چيپمين 104 تي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ نيوزيلينڊ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي. بابر اعظم جي گهٽيا ڪپتاني سبب پاڪستان کٽيل سيريز هارائي ڇڏي.










