نيوزيلينڊ جي 449 رنز جي جواب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي 449 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني بيٽنگ لائن ڏکيائين جو شڪار آهي. ميچ جي ٻئي ڏينهن نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 449 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 3 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 27 جي مجموعي اسڪور تي ڪري پئي جڏهن عبدالله شفيق 19 رنسون ٺاهي غير ضروري شاٽ کيڏندي آئوٽ ٿيو. ان کانپوءِ شان مسعود 20 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم 24 رنسون ٺاهي امام جي غلط ڪال تي رن آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿي ته امام الحق 74 ۽ سعود شڪيل 75 بالن تي 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ هئا. ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٻئي ڏينهن جي شروعات 6 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسن سان ڪئي پر ايش سوڍي 11 رنسن تي نسيم شاهه جي هٿان بولڊ ٿي ويو. ٽام بلنڊيل 51 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڪپتان ٽم سائوٿي 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ميٽ هينري ۽ اعجاز پٽيل ڏهين وڪيٽ لاءِ 100 رنسن جي پارٽنرشپ مڪمل ڪئي جنهن کانپوءِ اعجاز پٽيل کي ابرار احمد آئوٽ ڪيو. ڪيوي اوپنرز ٽام ليٿم ۽ ڊيون ڪانوي ميچ جي پهرين ڏينهن ٽيم کي پر اعتماد شروعات ڏني، ليٿم اڌ سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته ڊيون ڪانوي سينچري ٺاهي پويلين موٽيو. نسيم شاهه پاڪستان کي پهرين ڪاميابي ڏياري، هن ٽام ليٿم کي 71 رنسن تي آئوٽ ڪيو جڏهن ته آغا سلمان ڊيون ڪانوي جي ٻي وڪيٽ ورتي، ڪنوي 122 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪين وليمسن 36 رنسون ٺاهي نسيم شاهه کي آئوٽ ڪيو، هينري. نڪلز 26، ڊيرل مچل 3 ۽ مائيڪل برائيسويل 0 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان آغاسلمان ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، نسيم شاهه ٻه ۽ ابرار احمد هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو