نيوزيلينڊ جي سريلنڪا کي 61 رنز تان شڪست

نيوزيلينڊ جي سريلنڪا کي 61 رنز تان شڪست

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)سريلنڪا 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنز ٺاهي سگهيو ۽ نيوزيلينڊ کين 61 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستاني دعائون گهري رهيا هئا ته نيوزيلينڊ کي شڪست ٿئي پر ايئن ڪون ٿيو. سريلنڪا جي بيٽنگ به شروع کان ئي مشڪل جو شڪار رهي، سينچري اسڪور ڪندڙ پاٿم نسانڪا ميٽ هينري جي پهرين ئي بال تي بولڊ ٿي ويو، ون ڊائون آيل چيرٿ اسلنڪا 5 رنسون ٺاهي هينري جي بال تي ڊيرل مچل هٿان ڪيچ ٿي ويو، ڪسال مينڊس 11 رنسون ٺاهي راچن رويندر جي بال تي سيفرٽ هٿان اسٽمپ ٿي ويو، ساڳئي اوور جي ٻئي بال تي پون رٿنائڪي 10 رنسون ٺاهي ڪيپر سيفرٽ هٿان اسٽمپ آئوٽ ٿي ويو. 11 هين اوور ۾ 46 جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان داسن شناڪا رويندرا جي بال تي فن ايلن هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ڪمندو مينڊس ۽دشان هيمانٿا اسڪور اڳتي وڌايو پر تيسين 46 رنز تي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي چڪي هئي. سريلنڪا جي ستين وڪيٽ 77 جي اسڪور تي ڪري جڏهن دشان همانٿا 3 رنسون ٺاهي رويندرا جو چوٿون شڪار بڻيو. آخري اوور ۾ گلين فلپ ويلالاگي کي رويندرا هٿان ڪيچ ڪرايو جنهن 29 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا ميچ 61 رنسن تان هارائي. ان کان اڳ نيوزيلينڊ 20 مقرره اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنز ٺاهي سگهي، ستين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 47 بالن تي 84 رنسون ٺهيون. ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي جو اهم ميچ پريماداسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيو پيو وڃي. سريلنڪا ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. نيوزيلينڊ جا ٻئي اوپنر پاور پلي ۾ 34 رنز تي آئوٽ ٿي ويا. ٽم سيفرٽ 8 رنز ٺاهي بائونڊري تي دشمانٿا چميرا جي بال تي ڪمندو مينڊس هٿان ڪيچ ٿي ويو. فن ايلن هڪ ڇڪي ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 13 بالن تي 23 رنز ٺاهيون ته بالر مهيش ٿيڪشانا کيس پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪيو. نيوزيلينڊ پاور پلي ۾ 44 رنز ٺاهيون. 75 جي مجموعي اسڪور تي گلين فلپس 18 رنز ٺاهيون ته دشمانٿا چميرا کيس بولڊ ڪيو، 84 جي اسڪور تي راچن رويندرامهيش ٿيڪاشانا جي بال تي 32 رنز ٺاهي دشان هيمانٿا هٿان ڪيچ ٿي ويو. مارڪ چيپمين کي ساڳئي اوور م مهيش بولڊ ڪيو. 84 جي اسڪور تي ڊيرل مچل 3 رنز ٺاهي دنٿ ويلالاگي جي بال تي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد ڪپتان مچل سينتنر ۽ ڪول ميڪ ڪونچي زبردست شاٽ کيڏني بهترين پارٽنرشپ ٺاهي اسڪور 150 کان ٽپائي ڇڏيو. چميرا آخري اوور ڪرايو، جنهن پهريون بال مس ڪرايو ٻئي تي مچل کيس ڇڪو هنيو، ٽيون بال مس ٿيو، ڪپتان 12 رنسون ورتيون ۽ آخري بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. هن 26 بالن تي 47 رنسون ٺاهيون، هن 4 چڪا ۽ 2 چوڪا هنيا. ڪونچي23 بالن تي 31 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. .

پهنجو تبصرو موڪليو