آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي اترين ٻيٽن ۾ تيز برساتن جو سل جاري آهي، جنهن ڪري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ڳڙهي ملڪ نيوز ايجنسي موجب برساتن سبب ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب فوتين جو انگ 4 ٿي ويو آهي. نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ جمعي کان جاري برساتن سبب ايمرجنسي واري صورتحال برقرار آهي. اختيارين موجب برسات سبب آڪلينڊ ۾ 3 هزار گهرن ۾ بجلي معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي به متاثر ٿي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آڪلينڊ ايئرپورٽ تان اڏامون بحال ڪيون ويون آهن.










