نينگر کي اغوا بعد قتل  ڪندڙ جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

نينگر کي اغوا بعد قتل ڪندڙ جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي واسي چئن ورهين جي نينگر عمار جتوئي جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن کي 11سالن بعد آزاد ڪري ڇڏيو،عدالت جوابدارن جي سزا خلاف اپيل منظور ڪندي ماتحت عدالت پاران مليل سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،عدالت حڪم ڏنو آهي ته جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾گهربل نه آهن ته کين فوري طور جيل مان آزاد ڪيو وڃي،پوليس موجب جوابدارن ۾ عبدالله مگسي، عبدالغفاربروهي، علي مگسي ۽ زاهد گبول شامل آهن،ٽرائل ڪورٽ جوابدارن عبدالله مگسي ۽ عبدالغفار کي موت جي سزا ۽ علي مگسي ۽ زاهد گبول کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،پراسيڪيوٽر موجب مارچ 2012ع ۾ جوابدارن نينگر عمار جتوئي کي لاڙڪاڻي مان اغوا ڪيو هو، ڀنگ جي رقم نه ملڻ تي اغوا ٿيل نينگر جو لاش 15 مارچ 2012 تي مليو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو