ٽنڊوباگو(رپورٽر) معصوم نينگر سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪولهي برادري جي مردن ۽ عورتن جو احتجاجي مظاهرو ۽ پريس ڪلب تي علامتي بک هڙتال. خبر موجب چار ڏينهن اڳ ڳوٺ کاڏو ۾ معصوم نينگر روي پٽ ڪرشن ڪولهي سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ مک جوابدار لڇمڻ پٽ هيرو ڪولهي ۽ مهيش پٽ سوجي ڪولهي کي ٽنڊوباگو پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪولهي برادري جي ماڻهن جي وڏي تعداد جن ۾ عورتون به شامل هيون، متاثر نينگر روي جي والد ڪرشن ڪولهي، والدہ هنجهو، ونستي ڪولھي، موهن ۽ عيسرداس ڪولھي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٻه ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. اجتماعي زيادتي جو نشانو بنجندڙ معصوم نينگر روي ڪولھي جي والد ڪرشن ڪولهي، والدہ هنجهو ڪولھي چيو ته اسان جو 10 سالن جو معصوم نينگر آهي جنھن سان وڏو ظلم ٿيو آهي. ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس مک جوابدارن کي پوليس گرفتار نٿي ڪري. ٽنڊوباگو پوليس جوابدارن کان وڏي رشوت وٺي کين گرفتار نٿي ڪري. هنن گهر ڪئي ته مک جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوباگو ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته اسان جي ڪوشش لڳي پئي آهي، سڀاڻي تائين رهيل جوابدار گرفتار ٿي ويندا.










