ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي نئين چونڊيل ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون،بلاول ڀٽو چيو ته انور رضا نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ان سان گڏو گڏ خليل احمد راجا کي جنرل سيڪريٽري ۽ نيئر علي کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ ۽ سمورن نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ ڏيان ٿو، پاڪستان پيپلز پارٽي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پريس جي آزادي جي حمايت ڪري ٿي صحافتي تنظيمون پنهنجن هيروز کي ياد ڪريو، جن ڪوڙا کائڻ کان پوءِ به صحافت جي آزادي جو جهنڊو بلند رکيو. صحافت جي آزادي جي هيروز آمريت دوران قلم سان جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي.










