نيب 10 سالن ۾ 480 ارب کان وڌيڪ وصولي ڪئي

نيب 10 سالن ۾ 480 ارب کان وڌيڪ وصولي ڪئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب گذريل 10سالن دوران ڪرپٽ ۽ بدعنوان ماڻهن کان 4 کرب 80 ارب 67 ڪروڙ رپيا واپس ڪيا، قانون ۽ انصاف واري وزارت سينيٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته نيب راولپنڊي 10 سالن ۾ 10 ارب 65 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪيا، نيب لاهور 10 ارب 89 ڪروڙ جي ريڪوري ڪئي، نيب ملتان ڪرپشن جا 45 ڪروڙ رپيا واپس ڪرايا، ڪراچي مان 6 ارب 12 ڪروڙ رپين جي ريڪوري ٿي، سکر ۾ ڪرپٽ ۽ بدعنوان ماڻهن کان 2 ارب 15 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪيا ويا، نيب خيبرپختونخواهه ۾ ڪارروايون ڪندي 5 ارب 43 ڪروڙ رپين جي ريڪوري ڪئي،  بلوچستان مان 3 ارب رپيا ريڪور ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو