نيب کي 22 سالن دوران ٿيل هاءِ پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم

نيب کي 22 سالن دوران ٿيل هاءِ پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيب کي 22 سالن دوران ٿيل هاءِ پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، سپريم ڪورٽ عمران خان جي نيب قانون ۾ ترميم خلاف درخواست تي اداري کان 1999ع کان جون 2022 تائين پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آھي سپريم ڪورٽ پاران مڪمل ٿيل ريفرنسز ۽ جاچ جا به تفصيل طلب پڻ ڪيا ويا آھن، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا آهن ته ايف اي ٽي ايف اسان جي قانون ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي، ڇا نيب ترميم ذريعي قانون ۾ ڄاڻي واڻي خاميون پيدا ڪيون ويون؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ مختلف مافياز موجود آهن، جيڪي پرشدد آهن، مان ڪنهن جو نالو نٿو کڻڻ چاهيان، نيب قانون ۾ تبديلي سبب جوابدارن کي فائدو ٿيو، پلي بارگين ۽ پنج ملين رپين جي حد مقرر ڪرڻ سان جوابدارن کي رليف مليو

پهنجو تبصرو موڪليو