نيب پاران محمد بخش مهرخان جي زمين جو رڪارڊ طلب

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو) سنڌ جي راندين واري اڳوڻي مشير ۽ ايم اين اي محمد بخش مھر به نيب جي ريڊار تي اچي ويو، گهوٽڪي جي ڊي سي کي 2 ھزار 30 ايڪڙ زمين جو رڪارڊ 26 سيپٽمبر تائين جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي وئي، پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر محمد بخش مھر خلاف نيب سکر جاچ شروع ڪري ڇڏي، ھن تي پيپلزپارٽي جي اڳوڻي دور ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي سرڪاري رڪارڊ ۾ ڦير ڦار جو الزام آھي.

نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر بقا محمد جي صحيح سان جاري ٿيل ليٽر ۾ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر خالد سليم کان سردار محمد بخش مھر جي مبينه غير قانوني قبضي ھيٺ 2 ھزار 30 ايڪڙ زرعي زمين جو سڄو رڪارڊ گهريو ويو. خانڳڙھ تعلقي جي ان زمين تي سردار محمد بخش مھر جو مھر لائيواسٽاڪ فارم ٺھيل آھي. سنڌ جي وڏي وزير جي راندين بابت صلاحڪار بنگل خان مھر کي سندس ڀاءُ سردار محمد بخش مھر جي سوکڙي ڏنل 176 ايڪڙ زمين تي به نيب گهيرو سوڙھو ڪيو آھي. نيب ذريعن جو چوڻ آھي ته ڪيترائي ڀيرا ليٽر ملڻ باوجود ڊپٽي ڪمشنر خالد سليم رڪارڊ ڏيڻ ۾ دير ڪري رھيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو