لاهور: (ويب ڊيسڪ) نيب جي 2 رڪني خصوصي ٽيم پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي سلسلي ۾ زمان پارڪ پهچي وئي.نيب اسلام آباد جي ٽيم مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نوٽيس وصول ڪرائڻ عمران خان جي گهر پهتي پر نيب جي ٽيم کي عمران خان جي گهر تائين پهچ نه ملي سگهي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي نيب جي ٽيم کي اهلڪارن ڪافي دير تائين ٻاهر روڪي رکيو، پر ڪجهه دير انتظار ڪرڻ کان پوءِ نيب ٽيم واپس رواني ٿي وئي. ان موقعي تي صحافين طرفان سوال ڪيو ويو ته عمران خان کي نيب طرفان ڪهڙو نوٽيس وصول ڪرايو ويو؟ پر نيب اهلڪارن ميڊيا کي سوالن جو جواب ڏيڻ ڏيڻ کان پاسو ڪيو.










