اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو بابت حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن. حڪومت نيب قانون ۾ ترميم بابت اپوزيشن جون اڪثرتجويزون رد ڪري ڇڏيون. اپوزيشن ميمبرن ڪميٽي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي ۽ شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته هي بل منظور ٿيڻ سان ملڪ آمريت جي ور چڙهي ويندو. حڪومت ايف اي ٽي ايف جو بهانو بڻائي شڪ جي بنياد تي ڪنهن کي به 3 مهينن تائين بنا رمانڊ جي حراست ۾ رکڻ چاهي ٿي. اها آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي سنگين خلاف ورزي هوندي. پارلياماني ڪميٽي جي سربراهه شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن نيب قانون ۾ ترميم لاءِ 35 تجويزون پيش ڪيون، جن کي رد ڪيو ويو آهي، اپوزيشن جي تجويزن تي قانون ٺهيو ته احتساب جو ادارو ئي نالي ماتر رهجي ويندو، ملڪي مفاد مٿانهان هجڻ گهرجن.










