نيب قانون ۾ ترميمون منظور ڪرڻ وارن کي نااهل ٿيڻ گهرجي: عدالت

نيب قانون ۾ ترميمون منظور ڪرڻ وارن کي نااهل ٿيڻ گهرجي: عدالت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه نيب ترميمن خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل جي دليلن تي رمارڪس ڏنا ته اهڙي نموني ته نيب ترميم منظور ڪرڻ وارن ميمبرن کي 62 ون ايف تحت نااهل ٿيڻ کپي.سپريم ڪورٽ نيب خلاف عمران خان جي درخواست تي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.عمران خان جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته حڪمران عوامي اعتماد حاصل ڪري بڻبا آهن، شريعت پٽاندڙ عوامي اعتماد برقرار رکڻ لاءِ احتساب ضروري آهي، جڏهن حڪمران پنهنجي عمل تي پردو وجهندا آهن تڏهن عوامي اعتماد ٽٽندو آهي.هن چيو ته نيب ترميمن تحت ڪنهن ٿرڊ پارٽي کي اربن جو فائدو پهچائڻ هاڻي ڏوهه ناهي، پبلڪ آفيس هولڊرز جي پراپرٽي عوامي ملڪيت هوندي آهي، پبلڪ پراپرٽيز ۾ ڪرپشن سان عوام جا بنيادي حق سڌو سنئون متاثر ٿيندا آهن.هن تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته اوهان جي دليلن موجب ته نيب ترميم منظور ڪرڻ واري پارليامان عوام جو اعتماد ٽوڙيو، اهڙي نموني نيب قانون ۾ ترميم منظور ڪرڻ وارن سمورن ميمبرن کي 62 ون ايف تحت نااهل ٿيڻ گهرجي.چيف جسٽس خواجه حارث کي سڀاڻي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو