نظرياتي ڪائونسل پاران نيب قانون جون 3 شِقون غير شرعي قرار

نظرياتي ڪائونسل پاران نيب قانون جون 3 شِقون غير شرعي قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل (سي آءِ آءِ) نيب آرڊيننس جي ڪجهه شِقون غير اسلامي ۽ غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيون آهن. وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ٻڌايو ته ڪائونسل جو اجلاس 2 ڏينهن تائين جاري رهيو. هن جو چوڻ هو ته ڪائونسل سوشل ميڊيا تي توهين ڪندڙ مواد خلاف قومي اسيمبلي جي قرارداد جي تائيد ڪئي ان سان گڏ اهو مطالبو ڪيو ته سوشل ميڊيا تي توهين ڪندڙ مواد اپ لوڊ ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي. گفتگو دوران قبله اياز ٻڌايو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪجهه آرٽيڪل (شقن) کي غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار ڏنو آهي. هن جو چوڻ هو ته نيب آرڊيننس جا آرٽيڪل 14 ڊي، 15 اي ۽ 26 غير اسلامي آهن. ياد رهي ته نيب قانون جو آرٽيڪل 14 ملزم خلاف غيرقانوني رليف کي تسليم ڪرڻ، آرٽيڪل 15 چونڊن (يا عوامي عهدو رکڻ) سان نااهلي بابت آهي جڏهن ته آرٽيڪل 26 معافي بابت آهي. قبله اياز ٻڌايو ته اسلامي نظرياتي ڪونسل موجب بيگناهه کي ملزم ثابت ڪرڻ، وعده معاف گواهه بڻجڻ، پلي بارگين ڪرڻ جا آرٽيڪل غير اسلامي آهن. اهڙي طرح ان جو چوڻ هو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل مطابق نيب طرفان جوابدارن کي هٿڪڙي لڳائڻ، ميڊيا ٽرائل ڪرڻ ۽ حڙاست ۾ رکڻ غير شرعي آهن. نيب آرڊيننس جي شقن تي وڌيڪ ڳالهائيندي چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چوڻ هو ته گناهه ثابت ڪرڻ جوابدار جي ذميواري ناهي هوندي جڏهن ته واعدي معاف گواهه ۽ پلي بارگين به شريعت خلاف آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين مطابق جوابدار کي بغير ڪيس جي وڏي عرصي لاءِ قيد ۾ رکڻ به اسلامي اصول جي خلاف آهي. موجوده نيب ترميمي آرڊيننس سان نيب قانون وڌيڪ امتيازي ٿي ويو آهي جڏهن ته نيب قانون اسلام جي قانون، جرم ۽ سزا سان نه ٿو ملي. ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن چيو ته نيب جو مجموعي طور تصور اسلامي اصول احتساب سان گڏ نه ٿو ملي جڏهن ته نيب جي جوابدارن کي هٿڪڙيون لڳائڻ ۽ ان جو ميڊيا ٽرائل ڪرڻ انسانيت خلاف آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سربراهه ٻڌايو ته ڪو به قانون قرآن ۽ سنت جي برخلاف نه ٿو بڻائي سگهجي، نيب ان وقت حرڪت ۾ ايندو آهي جڏهن ڪروڙين، اربين رپين جي ڪرپشن جا ثبوت جمع ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته اسلامي اصولن ۾ مالي اختيارات جو غلط استعمال جو شروعات ۾ ئي نشاندهي ڪري ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته ڪائونسل جي ڪميٽي نيب ترميمي آرڊيننس 2019 جو جائزو وٺندي. هن ٻڌايو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ٻارن سان جنسي تشدد جي روڪٿام لاءِ تجويزون ڏنيون آهن ۽ ٻارڙن سان جنسي زيادتي جي ڪيسن ۾ خصوصي عدالتون بنائڻ جي سفارش ڪئي آهي. ٻارن تي جنسي تشدد خلاف خصوصي پوليس اسٽيشن يا اسپيشل سيل جي قيام جي به سفارش ڪئي آهي. ڳالهين دوران اڳوڻي جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي فيصلي تي قبله اياز ڳالهائيندي چيو ته پرويز مشرف جو لاش ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ عدالتي فيصلو ناهي  لاش کي گهلي ڊي چوڪ آڻڻ واري معاملي تي ڪونسل جي ريسرچ ونگ جائزو وٺي رهي آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪونسل مشرف دور جي لاڳو ڪيل تعليمي پاليسين جي جانچ پڙتال جي سفارش ڪئي آهي ته اعليٰ سطح ڪميٽي پاليسين جو اخلاقي، علمي، نفسياتي اثرن جو جائزو وٺي. ان سان گڏ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جبري طور مذهب تبديل ڪرڻ کي به غير اسلامي ۽ غير آئيني قرار ڏنو آهي. چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو ته ڪونسل اقليتن جي راءِ وٺي پاڻ متاثر علائقن جو دورو به ڪندي. ٻئي طرف وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي فواد چوڌري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته اڄ ڏينهن تائين مذهبي طبقن جي سوچ تي نظرياتي ڪائونسل کان ڪا به رهنمائي نه ملي سگهي آهي اهڙي اداري تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ جو جواز منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. هن لکيو ته اداري جي نئين سر جوڙجڪ جي ضرورت آهي، جديد تقاضن کان هم آهنگ انتهائي جيد ماڻهو ان اداري کي سنڀالين. فواد چوڌري جي ڳالهه تي چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪائونسل قبله اياز پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو ته فواد چوڌري جو ٽوئيٽ سمجهه کان مٿي آهي جيڪڏهن ان وٽ اسان جي سفارشن تي شرعي دليل آهن ته اهي ڏئي اسان ان تي غور ڪنداسين. هن چيو ته فواد چوڌري ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو اسلامي نظرياتي ڪائونسل 20 ميمبرن تي مشتمل آئيني ادارو آهي ان جي ميمبرن ۽ چيئرمين جي مقرري وزيراعظم جي سفارش سان ملڪ جو صدر ڪندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو