نيب حملو ڪيس، جکراڻي جي پٽ ۽ سوٽ جا نالا خارج

نيب حملو ڪيس، جکراڻي جي پٽ ۽ سوٽ جا نالا خارج

جيڪب آباد(ن سنڌيار)سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ جيلن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي پُٽ ۽ سئوٽ جا نالا نيب ٽيم تي حملي واري ڪيس مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ماتحت عدالت جي فيصلي خلاف اپيل تي عدالت فيصلو ٻڌايو. جيڪب آباد جي عدالت صوبائي صلاحڪار جي پُٽ رافع جکراڻي ۽ سئوٽ مجيب جکراڻي جا نالا نيب ٽيم تي حملي واري ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن خلاف هنن اپيل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو