ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)نيب سکر ٽيم پاران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بقا محمد جي نگراني ھيٺ ڪنڌڪوٽ مختيارڪار آفيس ۾ ڇاپو سب رجسٽرار آفيس ۾ پيل رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو.جڏھن ته سب رجسٽرار مجيب خان جکراڻي صحافين سان ملاقات دوران ٻڌايو ته نيب ٽيم گذريل ٻن ڏينهن کان گڊو ريسٽ ھائوس ۾ ترسيل ھئي ۽ معمول مطابق پوري ضلع جي روينيو رڪارڊ جي جاچ ڪندي ڪنڌڪوٽ جو ڀي رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو.جڏھن ته ٻئي پاسي معتبر ذريعن مان سڌ ملي آھي ته نيب پاران موجوده ايم.پي.اي عبد الرئوف کوسو پاران سرڪاري زمين جاڪوڙا کاتا ٺھرائڻ خلاف نيب پاران ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ مختيارڪار آفيسن ۾ ڇاپا ھڻدي گهربل رڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ ورتو آهي.










