نيب جو جکراڻي جي گهر تي ڇاپو، تلاشي بعد اهم دستاويز هٿ

ڪراچي(شهزادو مستوئي) نيب اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپو هڻي تلاشي ورتي. نيب ذريعن موجب نيب سکر جي 5 رڪني ٽيم وڏي وزير جي بين الصوبائي رابطن ۽ جيلن بابت صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي ڪراچي واري گهر تي ڇاپو هنيو، نيب ٽيم ۾ عورت اهلڪار به شامل هيون. جنهن دوران گهر اندر  3 ڪلاڪن کان وڌيڪ دير تائين تلاشي ورتي وئي ۽ اتي موجود مختلف دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ بعد اهم ڪاغذ ضبط ڪيا ويا. ذريعن موجب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ صوبائي صلاحڪار جي بنگلي تي ڇاپو هنيو ويو. نيب جي ڇاپي دوران رينجرز جي نفري مقرر ڪري مقامي ماڻهن کي گهٽي ۾ اچڻ کان روڪيو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورن ايم پي ايز کي اعجاز جکراڻي جي گهر پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ اڪثر وزير، مشير ۽ ايم پي اي سندس گهر ٻاهران جمع ٿي ويا. ياد رهي ته اعجاز جکراڻي هاءِ ڪورٽ ضمانت قبل از گرفتاري ورتي آهي ۽ سندس مبينه فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي نيب جي حراست ۾ آهي. نيب سکر اعجاز جکراڻي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ داخل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط به لکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو