نيب اختيارن جو غلط استعمال ڪري پيو: چيف جسٽس

نيب اختيارن جو غلط استعمال ڪري پيو: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا ته نيب هن وقت اختيارن جو غلط استعمال ڪري رهي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ نيب جي جوابدار نديم حميد شيخ جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن جي اڪائونٽس ۾ ڪيتري رقم آهي، جنهن کي منجمد ڪيو وڃي؟ ؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 48 هزار 674 رپين جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم گهربل آهي.چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر جي جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪهڙو مذاق آهي؟ نيب هن وقت اختيارن جو غلط استعمال ڪري رهي آهي، نيب کي اهڙو اختيار ملي ويو جو هو هر هنڌ استعمال ڪري رهي آهي، نيب رڳو 48 هزار رپين جي پويان آهي، جيڪڏهن 48 ڪروڙ هجي ها ته سوال آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته نيب انصاف ناهي، نيب کي اهڙي درخواست داخل نه ڪرڻ گهرجي ها.عدالت جي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نيب درخواست واپس وٺي ڇڏي، جنهن تي عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو