اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ عمران نيازي جا نفرت انگيز لفظ هر روز نئين حد تائين پهچي رهيا آهن.اهڙو اظهار وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته هاڻي عمران خان هٿياربند فوج ۽ ان جي قيادت تي سڌي سنئين الزام مڙهي رهيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف به چيو آهي ته عمران نيازي جو ناپاڪ ايجنڊا واضح طور تي پاڪستان کي تباهه ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ آهي.










