راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ ڪارروائي ڪندي 7 ڀارتي اسپانسرڊ (ڀارت جي مالي مدد وٺندڙ) دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز 30 ۽ 31 جولاءِ جي وچين رات بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ “فتنه الهندستان” جي دهشتگردن جي موجودگي جي خفيه اطلاعن تي ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران دهشتگردن جي هڪ پناهه گاهه جي نشاندهي ڪري ان جي مسلسل نگراني ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي تباهه ڪري ڇڏيو. ان ڪارروائي ۾ هڪ آپگهاتي (خودڪش) بمبار سميت 7 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته موقعي تي موجود اسلحو، ڳولا بارود ۽ هٿراڌو ٺاهيل ڌماڪيدار مواد (IEDs) جو ذخيرو پڻ تباهه ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ويزن ’عزمِ استحڪام‘ تحت دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين هيءَ مهم پوري طاقت سان جاري رهندي.










