مورو ۾ ملڪيت جي جهيڙي تان نوجوان ۽ عورت گوليون هڻي قتل

مورو ۾ ملڪيت جي جهيڙي تان نوجوان ۽ عورت گوليون هڻي قتل

نوشھرو فيروز (ن س)مورو وچ شھر ۾ موٽر سائڪل تي ويندڙ ھڪ عورت ۽ نوجوان کي وچ شھر ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي جڏھن ت فائرنگ سبب ھڪ دڪاندار ب گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو آھي ٻڌايو پيو وڃي ت رستي تان ويندڙ موٽر سائيڪل تي ھڪ عورت ۽ نوجوان کي وچ شھر مين روڊ تي گولين جو کاڄ ٻڻايو ويو آھي تفصيل موجب معاملو پراپرٽئ تان ھلندڙ ھي،جڏھن ت فوت ٿي ويل عورت جي سڃاڻپ مسمات ساجدا ڀٽي ۽ نوجوان وحيد علي سابقي طور مقتول جي وارثن پاران ڪئي وئي آھي ۽ دڪاندار نالي سرور رحماني پڻ زخمي ٿيو آھي ،قتل ٿي ويل عورت ۽ نوجوان جي وارثن ۽ سندن ماسات صدام ڪورائي پاران ميڊيا اڳيان ٻڌايو ويو آھي ت نالي راشد ڀٽي ولد سرور ڀٽي اسان جي ماسات نالي مسمات ساجدا ۽ ماسات وحيد علي کي گوليون ھڻي بي رحمئ سان قتل ڪيو آھي جڏھن ت مقتول عورت جوابدار جي ويڳي امڙ پڻ آھي ۽ معاملو پراپرٽئ جو ڪورٽ سڳورئ ۾ ھلندڙ آھي اڄ جڏھن ڪورٽ جي پيشئ تان مقتول عورت ۽ سندس ڀاء وحيد واپسي ڪري رھيا ھئا ت جوابدار راشد ڀٽي کين گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي ھوڏانھن ايس ايڇ او مورو جو چوڻ آھي ت معاملي جي جانچ ڪئي پئي وڃي ۽ شھرين موجب جوابدار ٿڏي تي گرفتار ڪيو ويو آھي ھوڏانھن پوليس گرفتاري بابت ڪي ب تفصيل ناھن ڏنا،ھوڏانھن قتل ٿي ويل ٻنھي لاشن ۽ زخمي ٔ کي شھرين ۽ پوليس مورو اسپتال پھچايو جتي قتل ٿي ويلن جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي ھوڏانھن زخمي دڪاندار کي ترت علاج بعد نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جڏھن ت اھڙو وقعو پيش اچڻ بعد شھر اندر خوف ۽ حراس واري فضا ڇانيل آھي٠

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو