نور مقدم قتل ڪيس ۾ ملزم جا والدين ۽ ملازم به گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي اڳوڻي سفير جي ڌيءُ نور مقدم قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ظاهر جعفر جَي والدين ۽ گهريلو ملازمن کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. اسلام آباد جي ڊي سي حمزه شفقات ٽوئيٽ ذريعي ان جي تصديق ڪئي آهي.

Accuse Zahir Jaffer, with his Father Zakir Jaffer and mother Asmat Adamjee, file photo

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي والدين ۽ ٻن ملازمن کي ڏوهه لڪائڻ جَي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي. ياد رھي تھ اسلام آباد پوليس 20 جولاءِ جي رات ظاھر کي ان جي گھر مان گرفتار ڪيو ھو، جتي نور جي والدين موجب تيز ڌار اوزار سان نور جو ڳلو ڪپي کيس بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو.

Accuse Zahir Jaffer in police custody

پوليس واردات ۾ استعمال ٿيل اوزار پڻ ھٿ ڪري ورتو ھو، پوليس جي ترجمان جو چوڻ آھي تھ فريادي شوڪت مقدم جيڪو مقتولا جو والد آھي ان جي بيان ۽ ھن وقت تائين موجود ثبوتن جي روشني ۾ گرفتار جوابدار ظاھرسندس والد ذاڪر جعفر، امڙ عصمت آدم جي، گھريلو ملازم افتخار ۽ جميل کي ثبوت لڪائڻ جي الزام ۽ ڏوهه ۾ مدد ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي.

Shaukat Muqada, father of victim Noor

پوليس جو چوڻ آھي تھ سمورن ماڻھن بابت قتل ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث ھجڻ بابت ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. ياد رهي ته نور ۽ ملزم ظاهر جعفر ٻالڪپڻ جا دوست آهن پر ٻنهي ۾ 2 سال اڳ علحدگي ٿي هئي. ملزم برطانيا ۾ به عورتن تي تشدد ۽ ريپ جي الزامن هيٺ ملڪ بدر ڪيو ويو هو. جنهن بعد هن آمريڪا جي شهريت حاصل ڪئي هئي. هو قتل بعد آمريڪا فرار ٿيڻ وارو هو. پوليس سندس نال اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ پڻ درخواست ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو