نور عالم خان جو پي ٽي آءِ ورڪر سان جهيڙو

نور عالم خان جو پي ٽي آءِ ورڪر سان جهيڙو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فائيو اسٽار مقامي هوٽل ۾ گذريل ڏينهن افطار دوران پي ٽي آءِ جي وفاداري مٽائيندڙ ايم اين اي نور عالم خان کي مبينا طور گاريون ڏيندڙ شخص سان پيپلزپارٽي اڳواڻن جو جهيڙو ٿي پيو. نور عالم خان جيڪو اڳ ۾ پي پي ۾ رهيو آهي، اهو نديم افضل چن، فيصل ڪريم ڪنڊي مصطفيٰ نواز کوکر سان گڏ افطار لاءِ هوٽل آيو ته هڪ بزرگ شخص نور عالم کي پشتو ۾ گاريون ڏنيون. سندس بقول ته هو چپ رهيو، جنهن بعد وري هن شائٽ ڪندي کيس گاريون ڏنيون. جنهن تي جهيڙو ٿيو ۽ وائرل ٿيل ويڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ان نامعلوم سگهي پوڙهي کي بعد ۾ ڪٽڪو ڏنو ويو، هيٺ ڪيرائي کيس ٺونشا هنيا ويا. نور عالم خان سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو