نوري آباد حادثو، عورت فوت، ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي

نوري آباد حادثو، عورت فوت، ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي

نوري آبادن(ن س ) نوري آباد ويجهو موٽر وي روڊ تي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت، ٻارڙن سميت پنج ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا فوتي عورت جي سڃاڻپ اشرف خاتون زال عبدالعزيز طور ڪئي وئي زخمين ۾ جواد پٽ طيب ڄامڙو. ابراهيم پٽ آيان . مسمات جليلان زال اياز .ايمان فاطمه ڌي اعجاز علي. اياز علي پٽ عبدالعزيز ڄامڙو شامل آهن زخمين کي نوري آباد ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو جن طبي امداد ڏني وئي، فوتڻ عورت ۽ زخمي هڪ ئي خاندان جا آهن ڪراچي کان گمبٽ وڃي رهيا هيا ته نوري آباد وٽ حادثو پيش آيو فوتي عورت جو مڙهه نور آباد ٿاڻي تي آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو