نورين نيازي جي هڪ هفتي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور

نورين نيازي جي هڪ هفتي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): لاهور هاءِ ڪورٽ باني پي ٽي آئي عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي کي ايف آئي اي جي درج ڪيس ۾ وڏو ريليف ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت نورين نيازي جي هڪ هفتي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اڪبر ڊوگر درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل دليل ڏنا ته ايف آئي اي پاران پيڪا اڪٽ تحت ڪيس درج ڪيو ويو آهي ۽ خدشو آهي ته لاڳاپيل ڪورٽ مان عبوري ضمانت کان اڳ کيس گرفتار ڪيو ويندو. عدالت دلائل ٻڌڻ بعد درخواست منظور ڪندي هڪ هفتي جي ضمانت ڏني ۽ مقرر مدي ۾ لاڳاپيل ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو