نوجوان کان ڦر، مزاحمت تي ڪٽڪو ڏئي چور فرار

نوجوان کان ڦر، مزاحمت تي ڪٽڪو ڏئي چور فرار

ڊرگهه بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ)ڪاڇي جي ڊرگهه بالا ٿاڻي جي حد مان جوھي جي سينئر صحافي سوڀ جي عيوضي شھمير گاڏھي جي نوجوان سئوٽ صداقت علي گاڏھي کي شام جو 7 وڳي 4 ھٿياربندن يرغمال بڻائي سخت تشدد ڪري رتورت ڪرڻ بعد سندس اکيون ۽ ھٿ ٻڌي کيسي مان 18 ھزار روپيا روڪ رقم ۽ موبائل سيٽ ڪڍي سرنھن جي فصل ۾ ڦٽو ڪري سندس موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا اکيون ۽ ھٿ ٻڌل نوجوان جو چوڻ آهي ته ھو حاجي خان شھر کان اچي رھيو ھئس ته منھن کليل چار ھٿياربندن حاجي خان روڊ سان خالي پيل پوليس پڪٽ وٽ روڪيو ته کين پوليس سمجھي گاڏي روڪيم جيڪي پوليس وارا نه پر ڦورو ھيا.مان زخمي حالت ۾ پنڌ ڪري ھڪ ڳوٺ ويجھو پھتس جتي ڳوٺاڻن پاران اکيون ۽ ھٿ کوليا ويا ياد رھي ته پوليس جي نااهلي سبب ڦورن ۽ چورن تر تپائي ڏنو آھي ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪريون ٿا ته ھڪدم پوليس کي الرٽ ڪري عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو