ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتن واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته نوجوان ڪنهن ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ ۽ معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ وانگر هوندا آهن. اسان جي ملڪ پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي. اسان جا نوجوان هن ملڪ جي مستقبل ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته هر شعبي ۾ نوجوانن جي صلاحيت ۽ ترقي پسند سوچ فخر جوڳي آهي. پيپلز پارٽي نوجوانن کي سياست ۾ اڳتي آندو آهي ۽ انهن کي عهدا ڏئي سندن صلاحيتن جي اظهار جا موقعا فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي اڪيلي جماعت آهي جنهن جو چيئرمين پڻ نوجوان آهي، اسان سنڌ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻايو آهي، بينظير يوٿ پروگرام وسيلي لکين نوجوانن کي هنري تعليم ڏني آهي، اسان کي پنهنجي نوجوان نسل تي اعتماد ۽ فخر آهي. هن چيو ته قوم ۽ ملڪ جي ترقي نوجوانن جي صلاحيتن تي دارومدار رکي ٿي تنهن ڪري نوجوان پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪن.










