ڪاميابي لاءِ بهترين تعليم لازمي آهي، ايس ايس پي

شڪارپور(ڪاشف نواز ٻرڙو) دي ايجوڪيٽرس اسڪول جي يارهن ڪلاس جي شاگردن جي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد رضوان احمد خان سان ايس ايس پي آفيس شڪارپور ۾ ملاقات.شاگردن غلام عابد جعفري، آغا مجيب خان، فرزان محمود منگي ۽ عبيدالله آرائين جا ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد رضوان احمد خان کان ننڍپڻ تعليم ۽ تربيت زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جي حوالي سان توڙي فيلڊ جي متعلق دلچسپ ۽ معلوماتي سوال.ايس ايس پي شڪارپور ٻڌايو ته تعليم سان دلچسپي توڙي مستقبل سنوارڻ بهترين ڪم آهي شاگردن ايس ايس پيءَ سان ملاقات کان پوءِ ٻڌايو ته ڏاڍي خوشي ٿي آهي اسان ۽ اسان جي اسڪول انتظاميه جو اهو پڪو ويساھ آهي ته زندگيءَ جي ڪامياب ماڻهن سان ملڻ ۽ انهن مان سکڻ ۽ پرائڻ سان ماڻهوءَ ۾ نه رڳو محنت جو جذبو وڌي ٿو پر ان جي اعتماد ۾ به ڪمال جي حد تائين واڌ اچي ٿي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو