نوجوانن جي ڊجيٽل مهارتن لاءِ سوا پنج ارب جو پروگرام

نوجوانن جي ڊجيٽل مهارتن لاءِ سوا پنج ارب جو پروگرام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام تحت 120,000 نوجوانن کي آئي ٽي ۽ ڊجيٽل مهارتن جي تربيت ڏيڻ لاءِ 5 ارب 29 ڪروڙ 4 لک 90 هزار رپيا (5,290.49 ملين رپيا) مختص ڪيا آهن.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ ملڪ جي نوجوان آبادي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اها پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهي. هن چيو ته ملڪ جي 67 سيڪڙو آبادي جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي.
هن چيو، “اسان جا نوجوان مهارتون حاصل ڪرڻ ۽ انهن کي ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ جو مضبوط جذبو رکن ٿا.” هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اهو عزم ڪيو آهي ته هر پاڪستاني نوجوان کي جديد مهارتن ۽ مختلف فني شعبن ۾ تربيت تائين رسائي حاصل هجي، جيئن هو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن.
تنهن هوندي به، انهن دعوائن ۽ وڌندڙ بيروزگاري جي شرح جي باوجود، بجيٽ ۾ روزگار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪا مخصوص رقم مختص نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي نوڪرين جي فراهمي لاءِ ڪو الڳ پروگرام شامل ڪيو ويو آهي. رڳو موجوده وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام تحت 120,000 نوجوانن جي تربيت لاءِ 5,290.49 ملين رپيا رکيا ويا آهن.
ان کان علاوه، حڪومت تازو ڪيترن ئي کاتن کي ضم يا بند ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ملازم بيروزگار ٿي ويا آهن. ڪجهه کاتا ۽ ادارا نجي شعبي حوالي (پرائيويٽائيزيشن) به ڪيا ويا آهن.
حڪومت ملازمن ۽ مزدور يونينن جي نمائندن جي احتجاج باوجود وڌيڪ سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪرڻ جو به ارادو رکي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو