نوجوانن جو اغوا،سول سوسائٽي جو احتجاج

نوجوانن جو اغوا،سول سوسائٽي جو احتجاج

ميرپور ماٿيلو(ن سنڌيار) ميرپورماٿيلو ويجھو رھڙڪي واسي مبينا طور ٽي نوجوان اغوا ٿي ويل 27 ڏينھن کان بازياب نه ٿي سگھيا ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ، پوليس خلاف ڇتي نعريبازي، ٽنهي مغوين کي اغوا ٿئي 27 ڏينهن گذري ويا آهن، پر پوليس ٽنهي ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي، پوليس روز دلاسا ۽ ڏٽا ڏئي رهي آهي پر مغوين کي بازياب نه ٿي ڪرائي، اڳواڻ تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ويجهو رهڙڪي واسي صحافي ظھير سومرو جي ڀاء نصير سومرو سئوٽ صدام سومرو ۽ دوست عاقب سميجو مبينا طور اغوا ٿي ويل ٽئي نوجوان 27 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب ناهن ٿي سگھيا جنهن جي بازيابي لاءِ ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافي برادري پاران نااهل ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻ پاران پوليس خلاف ڇتي نعريبازي پُڻ ڪئي وئي ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو، خليل سومرو، ڪامريڊ ڪمال مهر، اڪرم ميتلو، فقير رمضان ڪلوڙ، شير محمد سومرو، ظهير سومرو ۽ ٻين پُڻ ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٽنهي مغوين کي اغوا ٿئي 26 ڏينهن گذري ويا آهن، پر پوليس ٽنهي ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي، هنن چيو ته پوليس روز دلاسا ۽ ڏٽا ڏئي رهي آهي پر مغوين کي بازياب نه ٿي ڪرائي، هنن چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي وڏيرن جو ونگارو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته بلدياتي اليڪشن جي ورڪ جا ڏينھن ھلن پيا ان جي باوجود اسان پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي ايڏي سخت گرمي ۾ ھتي احتجاج ۾ شريڪ ٿيا آھيون اسان سنڌ پوليس آجي سنڌ ڊي آجي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کي ٽن ڏينھن جو ٽائيم ڏيون ٿا ته ٽئي نوجوان جيڪڏهن ٽن ڏينھن تائين بازياب نه ٿي سگھيا ته ٻي صورت ۾ آءِ جي سنڌ پوليس آفيس اڳيان ڪراچي جي صحافين سميت احتجاج ڪيو ويندو، هنن ايم اين اي خالد احمد لنڊ ۽ ايم پي اي عبدالباري پتافي کان ايس ايس پي گھوٽڪي اظھر مغل جي بدلي جي گھر ڪئي ته جيستائين اھو ايس ايس پي رھندو پوري ضلعي جو امن امان خراب رھندو ۽ ضلعي گھوٽڪي ۾ ائين ئي ھتان جا مقامي ماڻھون اغوا ٿيندا رھندا، هوڏانهن مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو راڻو نصر اللّه پهتو جتي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، ۽ چيو ته اسان پنھنجي پوري ڪوشش ڪري ٽن ڏينھن جي اندر اغوا ٿي ويلن کي بازياب ڪرايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو