نوبل انعام يافته محمد يونس بنگلاديش جو عبوري سربراهه مقرر

نوبل انعام يافته محمد يونس بنگلاديش جو عبوري سربراهه مقرر

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي آرمي چيف وقار الزمان اربع تي نوبل انعام يافته محمد يونس جي سربراهي ۾ 15 رڪني عبوري ڪائونسل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. 84 سالن جي محمد يونس کي عبوري حڪومت جو چيف ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد جو تختو اونڌو ٿيڻ ۽ سندس ڀارت ڏانهن فرار ٿيڻ بعد صدر محمد شهاب الدين، فوجي قيادت ۽ شاگرد اڳواڻن محمد يونس کي عبوري سربراهه مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. محمد يونس ذميواريون سنڀالڻ لاءِ خميس تي پئرس کان ڍاڪا پهچندو، جڏهن ته بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن دوران مارجي ويلن جو انگ 500 کان ٽپي ويو، ڪاوڙيل ماڻهن جيل تي حملو ڪري 500 قيدي فرار ڪرايا، جشن جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو پروفيسر محمد يونس جو چوڻ آهي ته جڏهن ايڏيون قربانيون ڏيندڙ شاگرد مون کان ڏکي گهڙي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته انڪار ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ پروفيسر محمد يونس کي ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ غير معمولي ڪردار ادا ڪرڻ تي 2006 ۾ امن جي عالمي نوبل انعام سان نوازيو ويو هو. محمد يونس پنهنجي گرامين بينڪ ذريعي غريب ماڻهن کي ڪاروبار لاءِ ننڍا ننڍا قرض ڏيندو هو، استعيفيٰ ڏئي فرار ٿي ويل اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد محمد يونس کي عوام جو رت چوسيندڙ شخص قرار ڏئي مٿس گرامين بئنڪ جي ملازمن کي ليبر لاز مطابق سهولتون نه ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. جنهن بعد ملڪ ڇڏي فرانس هليو ويو هو. اربع تي بنگلاديش جي ٽريبونل پروفيسر محمد يونس کي ڪيسن مان بري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. محمد يونس شاگردن کي ڪامياب جدوجهد تي آزادي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ 5 آگسٽ بنگلاديش جي آزادي جي ڏينهن جيترو ئي اهم آهي ۽ قوم کي اهو هي سال ملهائڻ گهرجي. هن هر قسم جي تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل به ڪئي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته 15 ميمبر ڪائونسل ۾ خالدو ضيا ۽ ٻين جماعتن کي ڪيتري نمائندگي ٿي ملي؟ اهو سوال به اهم هوندو ته ڇا عوامي ليگ کي به نمائندگي ملي ٿي يا نه؟ فوج اڳ ۾ ئي هڪ حاضر سروس جنرل کي پرڏيهي معاملن جو انچارج مڪمل ڪيو هو ۽ اهو سولا به اهم آهي ته فوج جا ڪيترا نمائندا ڪائونسل ۾ شامل هوندا؟

پهنجو تبصرو موڪليو