لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته نواز شريف چونڊ مهم لاءِ نه پر چونڊ تحريڪ لاءِ اچي رهيو آهي، هن ڀيري سنڌ ۾ مسلم ليگ ن ڪامياب ٿيندي.پنهنجي تازي بيان ۾ جاويد لطيف مسلم ليگ (ن) جي باني قائد ميان محمد نواز شريف بابت ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف ئي ملڪ کي هن ڀوڳ مان ڪڍڻ جي اميد رکي ٿو.جاويد لطيف چيو آهي ته عوام نواز شريف کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني ته ملڪ کي ناقابل تسخير بڻائي ڇڏيو.جاويد لطيف چيو ته نواز شريف پاڪستان کي سي پي ڏني، 15 سالن جي ٻار کي خبر ناهي ته سي پي گيم چينجر هئي، نوازشريف جيڪو سي پي آندو، ان جو ڪهڙو علاج ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته عوام کي اميد آهي ته نواز شريف ايندو ۽ خوشحالي آڻيندو، ووٽ جي عزت رڳو ووٽ نه پر نتيجن کي قبول ڪرڻ آهي.جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي قيادت ۾ اهڙو پاڪستان آڻينداسين جتي مهانگائي نه هوندي.هن چيو ته قاضي فيض عيسيٰ جي چوڻ تي واٽس اپ تي ڪميشن نه ايندي.










