اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف وٽ پرويز مشرف جي وطن واپسي جي فيصلي جي حمايت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته امپورٽ حڪومت جو ايجنڊا پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ آءِ ايم ايف جي مهانگائي کي مسلط ڪرڻ آهي، عالمي سازش جي بي اعتمادي واري تحريڪ به لنڊن کان شروع ٿي وئي آهي، جنهن کي روڪيو ويو آهي.هن چيو ته اڄ پنجاب ۾ ٻه غير آئيني اجلاس ٿي رهيا آهن جنهن جو پاڪستان ۽ دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي.پرويز مشرف جي حوالي سان شيخ رشيد جو چوڻ هو ته فوج ۽ ان جي قيادت پرويز مشرف کي پاڪستان واپس گهرائي صحيح ۽ جرئتمند فيصلو ڪيو آهي، نواز شريف وٽ ان فيصلي جي حمايت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف پاڪستان جي سمورن آرمي چيفن سان وڙهيو ۽ سياسي بحران پيدا ڪيو ۽ جڏهن سمجهه ۾ آيو ته سندس اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا.










