نواز شريف جي ڀرپور استقبال لاءِ تياريون شروع ڪرڻ جو اعلان

نواز شريف جي ڀرپور استقبال لاءِ تياريون شروع ڪرڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڄ کان ميان نواز شريف جي وطن واپسي تي شاندار استقبال ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اعظمي بخاري سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته اسين چونڊن کان نٿا ڊڄون، جمهوريت پسند آهيون، چاهيون ٿا ته اسمبليون مدت پوري ڪن. هن نواز شريف جي واپسي جي تاريخ ته نه ٻڌائي پر چيو ته جلد هو وطن ورندو. پاڪستان جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف عمران خان جي حڪومت ۾ جيل ۾ هو ته بيماري سبب کيس علاج لاءِ 2019 ۾ لنڊن موڪليو ويو هو. شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ بعد سندس جلاوطن ٻيو نمبر پٽ سليمان شهباز لنڊن مان جدي پهچي ويو آهي ۽ عمرو ادا ڪرڻ بعد سڀاڻي ڇنڇر تي پاڪستان پهچي رهيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته هوائي اڏي تي وطن پهچڻ وقت کيس گرفتار نه ڪيو وڃي، هو وطن پهچي عدالتن ۾ پيش ٿي ڪيسن کي منهن ڏيندو. راڻا ثناءُ الله ٻڌايو ته اسين پنجاب جي 9 ڊويزنن کي اليڪشن جي تياري لاءِ ٽن ڊويزنن ۾ ورهايو آهي ۽ هر حلقي ۾ ٻن اميدوارن کي نامزد ڪيو ويندو، حتمي فيصلو ميان نواز ششريف ڪندو. هن چيو ته عمران خان جي ڌمڪين کان نٿا ڊڄون، ڀلي اسمبلي ٽوڙيو اسين چونڊن لاءِ تيار آهيون ۽ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو