لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانيه جي ٽيڪس کاتي نواز شريف جي پٽ حسن نواز جي بينڪ ڪرپسي ڪيس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، ٽيڪس کاتي تصديق ڪئي آهي ته حسن نواز جو بينڪ ڪرپسي ڪيس ڪنهن به غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث نه هجڻ جي ڪري ختم ٿي ويو آهي، بينڪ ڪرپسي ڪيس جي مدت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حسن نواز هاڻي ڪمپني ڊائريڪٽر جي حيثيت سان پنهنجو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪرڻ جو اهل آهي، سرڪاري رڪارڊ موجب حسن نواز جي بينڪ ڪرپسي ڪيس جي مدت 29 اپريل 2025 تي ختم ٿي وئي.










