لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف پارٽي جي قومي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن توڙي ڪارڪنن کي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي هدايت ڪري ڇڏي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف چيو ته ن ليگ اسيمبلي ميمبر ۽ ڪارڪن پنهنجي توانائي ٻوڏ متاثرن جي مدد تي لڳائين. هن چيو ته سياست انتظار ڪري سگهي ٿي، هن وقت اسان جي پهرين ترجيح ڏکيائين ۾ ڦاٿل ڀائر ڀينرون آهن، ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن جي ازالي لاءِ اسان کي هر ممڪن قدم کڻڻا پوندا.










