نواز شريف جو نمائندو 2 ڀيرا آرمي چيف سان مليو، جنرل بابر

نواز شريف جو نمائندو 2 ڀيرا آرمي چيف سان مليو، جنرل بابر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوجي ترجمان ميجر جنرل افتخار بابر چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي حوالي سان سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير آرمي چيف سان ٻه ڀيرا ملاقات ڪئي. ملاقاتن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد به موجود هو. ٻئي ملاقاتون هن جي درخواست تي ٿيون. اي آر واءِ سان ڳالهائيندي هن چيو ته محمد زبير نواز شريف بابت ڳالهايو، آرمي چيف کيس چيو ته سندس قانوني مسئلا عدالتن ۾ ۽ سياسي مسئلا پارليمان ۾ طئي ٿيندا.هن چيو ته پهرين ملاقات آگسٽ جي آخري هفتي ۽ ٻئي 7 سيپٽمبر تي ڪئي. محمد زبير ملاقاتن جي تصديق ڪندي چيو ته هن نواز شريف يا مريم نواز لاءِ ڪو رليف نه گريو هو. هنن سان ٿيندڙ زيادتين بابت ذڪر ضرور ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو