نوازشريف ۽ نثار جو هڪ ٻئي سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ اڳوڻي وزير داخلا چوڌري نثار هڪ ٻئي سان ملاقات ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيوا آهي. ذريعن مطابق لنڊن جي ٻن هفتن جي دوري تي موجود چوڌري نثار جي نوازشريف ۽ ان جي دوستن ملاقات جي خواهش ڪئي ليڪن نوازشريف ملاقات کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ جڏهن اسحاق ڊار ۽ شهباز شريف سان رابطو ڪيو ويو ته هنن تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن کان چوڌري نثار مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ۽ نوازشريف تي ڪڙي تنقيد ڪئي هئي ان وقت کان ان جي اڳوڻي وزيراعظم سان تعلقات ڇڪتاڻ وارا رهيا. ذريعن مطابق نوازشرف جو چوڌري نثار جي باري ۾ واضح موقف آهي ته چوڌري نثار سان ملاقات ڪرڻ جو مطلب پنهنجن ويجهن ماڻهن کي دوکو ڏيڻ آهي جهڙي طرح چوڌري نثار مون کي دوکو ڏنو. ذريعن مطابق ميان نوازشريف جي مڪمل توجهه ان جي پنهنجي علاج تي آهي جڏهن ان کي چيو ويو ته چوڌري نثار سان ملاقات ڪيو ته هن ملڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف چوڌري نثار به لنڊن ۾ ميان نوازشريف سان ملاقات جي امڪان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. لنڊن ۾ صحافي پاران نوازشريف سان ملاقات ڪرڻ بابت پڇيل سوال تي چوڌري نثار چيو ته مان پاڻ بيمار آهيان جڏهن اسپتال ويندس ته اميد ٿو ڪيان ته توهان مون کي پڇڻ ضرور ايندئو. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته مان بنيادي وطر تي ميڊيڪل ٽريٽمينٽ لاءِ آيو آهيان ۽ غير سياسي دورو آهي هن وقت مان پنهنجو علاج ڪرائڻ آيو آهيان ۽ سڄو ڌيان ان تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو