نوازشريف پرڏيهي ايئرلائن ذريعي لاهور کان لنڊن روانو

نوازشريف پرڏيهي ايئرلائن ذريعي لاهور کان لنڊن روانو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم ميان محمد نوازشريف پرڏيهي ايئرلائن جي ذريعي لاهور کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي. خانداني ذريعن موجب پاڪستان مسلم ليگ(ن) جو صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم اڄ جاتي امرا رائيونڊ کان علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپوٽ پهتو جتي هو پرڏيهي ايئرلائن قطر ايئرويز جي اڏام ذريعي لنڊن روانو ٿيو.جاتي امرا رائيونڊ ۾ نوازشريف جي روانگي جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون. ذريعن موجب نوازشريف جو لنڊن ۾ قيام 2 هفتن کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي. نوازشريف لنڊن ۾ پنهنجي معمول جو طبي معائنو به ڪرائيندو.ياد رهي ته نوازشريف ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف نيورو سائنسز ۾ پنهنجو چيڪ اپ به ڪرايو هو جتي انهي جي ڪنڌ جي ايم آر آءِ به ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ نوازشريف جي پٺيءَ ۾ تڪليف جي شڪايت سامهون آئي هئي. انهي کان اڳ نوازشريف هلندڙ سال جون مهيني ۾ لنڊن ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو